شريڪانت ‘صدف‘

شريڪانت ‘صدف‘

شريڪانت صدف

شريڪانت ‘صدف’: غزل جو شاعر شريڪانت صدف، 23 جولاءِ 1959ع تي ممبئيءَ (هندستان) ۾ جنم ورتو. سندس والد موتي پرڪاش ۽ امڙ ڪلا پرڪاش، سنڌي ٻوليءَ جا ناميارا ليکڪ ۽ شاعر آهن.شريڪانت موتي شرما شروعاتي تعليم بمبئيءَ مان ئي حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. ڪجھه عرصو سرڪاري نوڪري به ڪيائين، جيڪا بعد ۾ ڇڏي ڏنائين. شريڪانت پنهنجي والد موتي پرڪاش جي شاعريءَ کان متاثر ٿي شاعري ڪئي. سندس رهنمائي برک ليکڪ ۽ نقاد اي. جي اتم ڪئي. شريڪانت صدف، 22 سالن جي عمر ۾ 1982ع کان غزل لکڻ شروع ڪيا. صدف جي شاعريءَ تي گوپ ڪمل ۽ واسديو موهيءَ جو چڱو اثر آهي، جن ٻنهي کان هن گھڻو ڪجھه پرايو. هن جي شعري اوسر ۾ اردو شاعر قمر نقويءَ جو به وڏو هٿ رهيو آهي. شريڪانت صدف جو پهريون شعري مجموعو ‘نفرت جا گل’ 1990ع ۾ ڇپيو. ‘نانگن جا ٻر’ 1993ع ۾، ‘ذهن جا قبيلا’ 1996ع ۾، ‘وچ وارن کي لٺ بڻاءِ’ 2002ع ۾ شايع ٿيا. شريڪانت صدف، شاعريءَ کان سواءِ چڱي تعداد ۾ تنقيدي مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. سندس چئن ڪتابن کي هڪ ڪتاب ۾ سموئي ‘زندگي هڪ وار وري شروع ڪرڻي پوندي’ نالي سان 2005ع ۾ سچائي اشاعت گھر، دڙي پاران شايع ڪيو. شريڪانت صدف ممبئيءَ ۾ رهي ٿو. شري کٽ واري ڌرمشالا، شڪارپور: شڪارپور شهر جي تاريخي عمارت بابت روايت آهي ته هن ڌرمشالا جي تعمير اڄ کان 250 سال اڳ ۾ ٿي هئي، پر اهو پتو نه ٿو پوي ته اُن جي تعمير ڪنهن ڪرائي هئي. روايت آهي ته بابا گرداس رام پهريائين کٽ، نيزو ۽ تلوار کڻي گنداواهه پهتو، بعد ۾ پرچار لاءِ شڪارپور ۾ آيو. کٽ واري ڌرمشالا جو پهريون گادي نشين بابا گرداس رام صاحب هو ۽ آخري بابا رامداس صاحب هو. هن وقت هن ڌرمشالا جو گادي نشين ڪوبه نه آهي، باقي خاص شيواڌاري ڀيشم داس آهي. آڳاٽي وقت ۾ شهدادڪوٽ، اوستا محمد ۽ گنداواهه جا مندر هن ڌرمشالا جي سرپرستيءَ هيٺ هلندا هئا.


لفظ شريڪانت صدفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.07.23  عيسوي

غزل جو شاعر شريڪانت صدف، 23 جولاءِ 1959ع تي ممبئيءَ (هندستان) ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راشدي سيد محمد سليم شاهه
ابراهيم منشي
ڀڳت مدن
پٺاڻ محمد علي
باغي حليم
شيڪسپيئر وليم
اعجاز علي شاهه اعجاز راشدي
راضي فقير رند
شاهه عبداللطيف ڀٽائي
پورن کٽواڻي سائل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون